اصطلاح ۽ معنى


 


1.
ڇپرَ ڇانوَ ٿيڻ = ڪنهن بي گهر کي گهر ڏيڻ ، سنڀالڻ


2. سک جو ساه پٽڻ = تڪليفن کان پوءِ آرام ملڻ


3. سڏ ۾ سڏ ڏيڻ = مهل سر ڪم اچڻ ، جيءَ ۾ جيءُ چوڻ


4. پاڻ ارپڻ = پاڻ حوالي ڪرڻ ، صدقي ٿيڻ


5. اَرپي ڇڏڻ = حوالي ڪري ڇڏڻ ، ڏئي ڇڏڻ


6. جبل جهاڳڻ = مشڪل زندگي بسر ڪرڻ ، اولو پنڌ ڪرڻ


7. کلي کيکارڻ = خوشمزاجي سان ملڻ ، مرڪي ملڻ


8. چَپَ چورڻ = ڪجهه ڳالهائڻ ، وات هلائڻ


9. قلب مان ڪس ڪورڻ = دل مان برائي ڪڍڻ


10. عمر گهارڻ = زندگي بسر ڪرڻ ، گذارڻ


11. توبهه ڪرڻ = پڇتائڻ ، هميشه لاءِ بس ڪرڻ

12. مانُ مٿانهون ڪرڻ = ڪنهن کي عزت ڏيڻ ، ڪنهن جي ڳالهه مڃڻ


13. سِر ڏيڻ = قربان ٿيڻ ، جان جوکي ۾ وجهڻ ، موت ۾ وڃڻ


14. ويڇا وسارڻ = نفرت يا ڪاوڙ ختم ڪرڻ


15. اکين آڏو ٽري وڃڻ = سامهون هٽي وڃڻ ، ٻاهر نڪري وڃڻ


16. جوڙون جوڙڻ = خلقڻ، پيدا ڪرڻ


17. وائي سکڻ = ڪلام سکڻ ، پڪار، سڏ


18. چال چلڻ = چالاڪي ڪرڻ


19. ڳجهه سلڻ = راز بيان ڪرڻ ، ٻڌائڻ


20. باه ٻارڻ = فساد جڳائڻ


21. ڀونءِ ڀيڙو ڪرڻ = مٽيءَ حوالي ڪرڻ ، دفن ڪرڻ

22. پير پائڻ = داخل ٿيڻ


23. دونهين دکائڻ= فساد پيدا ڪرڻ


24. باه ٻارڻ = فساد جڳائڻ


25. ڀورڙا ڀلائڻ = اٻوجهه کي ڀٽڪائڻ ، ڀلائڻ


26. منهن موڙڻ = نظر انداز ڪرڻ ، ڪاوڙجڻ.

Post a Comment

1 Comments